شوري گبر بند

شوري گبر بند: سارونا (بلوچستان) ڪراچيءَ کان اتر طرف 228 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آنڌار ۽ ڇاپار جبلن جي وچ تي ماٿري آهي، جنهن مان سارونا نئن گذري ٿي. اها نئن برسات جي مند ۾ آنڌار جبل جي اوڀر ۽ کڏو جبل جي ڏکڻ طرف جي سڀني ننڍين ننڍين نئن جو پاڻي حب نئن ۾ آڻي ٿي. انهن ڍورن تي ڪيترائي گبر بند ٻڌل آهن، جن ۾ احمد بند، پير مونا ڳڙهه بند ۽ شوري گبر بند اڃا تائين موجود آهن. گبر بند مٽيءَ مان ٺهيل بندن کي سڏجي ٿو جيڪي قديم وقت ۾ نئن ۽ برساتن جو پاڻي ڪٺو ڪري، ان پاڻيءَ کي آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ استعمال ڪبو هو. اهڙن بندن جو ذڪر لئمبرڪ، تاج صحرائي ۽ بدر ابڙي پنهنجي تصنيفن ۾ پڻ ڪيو آهي. سارونا ماٿري ۾ زرو جبل جي ڏکڻ ۾ جتان پٻ جبل شروع ٿئي ٿو، اتي هڪ نئن ’ڪوڙيانگ‘ نالي وهي ٿي. ان ڪري ان علائقي کي ‘ڪوڙيانگ’ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. نئن شوريءَ جو پاڻي به نئن ڪوڙيانگ ۾ اچي پوي ٿو، جتي شوري نئن جو پاڻي ڪوڙيانگ سان ملي، انهيءَ ملڻ واري هنڌ تي اپرو ۽ سپاد نالي ٻه ڳوٺ زهري قبيلي جا آهن. هن ماڳ جي ڀر ۾ ڪسيلي، اتر ۾ مولپرو ۽ اولهه ۾ ٽڪيارو جبل آهن. شوري بند انهن ڳوٺن جي ڀرسان اڏيل آهي. شوري بند ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو نئن شوريءَ جي پيٽ ۾، جيڪو گهڻو لڙهي ويو آهي، جنهن جا 250 فوٽ سلامت رهيا آهن، ٻيو حصو ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ ڪجهه مٿاهينءَ تي اڏيل آهي. مٿاهين تي هجڻ ڪري اڃا سلامت آهي.
نامور محقق بدر ابڙي جي لکڻ موجب بند جو بچيل حصو 11 فوٽ اوچو ۽ 50 فوٽ ڊگهو آهي. بند جي ديوار جي پٺئين پاسي جَهل لاءِ ڪو به پشتو ڏنل ڪو نه آهي، ان ڪري هن کي مضبوط ڪو نه چئبو. هتي مٽي ۽ مقامي پٿرن سان هڪ ڪچو بند آهي. بند جي اوڀر واري پاسي گول پٿرن کي سٿي پاڻي جي زور ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
سنڌو ۽ آمري ثقافت جون ڪافي آباديون سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ مليون آهن. اهي آباديون سنڌو تهذيب جي ماڻهن لاءِ زراعت جو سبب هئا. هن قسم جي بندن بابت اڃا تحقيق هلي رهي، انهن بندن کي زردشتن جا اڏايل بند به چيو وڃي ٿو. ناميارو محقق ۽ ليکڪ بدر ابڙو لکي ٿو ته، “اهي قديم بند واضح طور تي چار کان پنج هزار سال پراڻا آهن، هنن کي گوهر بند، گور بندي ۽ گبر بند جي نالي سان سڏجي ٿو.” ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکيو آهي ته: ”گبربند ايرانين جي حڪومت کان اڳ جا آهن.“


لفظ شوري گبر بندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو